شاهاڻي منصور فقير

شاهاڻي،منصور فقير: صوفي راڳي، شاعر ۽ فقير مهدي سائين جهانيان جو طالب منصور فقير شاهاڻي تعلقي سوڀيديري جي ڳوٺ مير خان شاهاڻي جو رهاڪو هو. سندس اصل نالو اشرف علي ولد ڪوڙل خان شاهاڻي هو. هيءُ نامور صوفي شاعر فقير مهدي سائين جو طالب هو، جتان کيس روحاني فيض مليو. ننڍپڻ کان ئي پنهنجي مرشد سان گڏ رهندو هو، کيس ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، هن راڳ جي سکيا ناليواري استاد فنڪار استاد منظور علي کان ورتي. منصور فقير جيستائين جيئرو هو، تيستائين مهدي سائين جي تڪيي تي ويراڳ جي محفل مچائيندو هو. هيءُ مهدي سائين جي درگاهه جو خاص ڳائڻو هو. منصور فقير شاعري پڻ ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾تصوف جو رنگ شامل آهي، سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏ جي ٿو:
پتو نڪو پار، وڻيو آ يار جو ديدار،
قلب اندر ۾ تنهنجو ديرو، ڪيم نه ڪنهن سان پيار،
سواءِ محبت منجهئون نه ملندءِ، دوئي کنئون ٿي تون ڌار،
منصور جي ميدان ملهائبو، پوئتي پير نه ڪار.


هن صفحي کي شيئر ڪريو